شوبز

صبا قمر ۽ ابرار الحق گڏجي پرڻيل ماڻهن کي حيران ڪندا

پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا ۽ راڳي ابرارالحق گڏجي پرڻيل ماڻهن کي حيران ڪندا، جنهن جي تياري انهن ڪري ورتي آهي. ميڊيا مطابق صبا قمر ابرار الحق سان گڏ پنهنجي هڪ وڊيو شيئر ڪئي آهي، جنهن ۾ اهي پرڻيل ماڻهن جي حوالي سان بحث ڪندي نظر ايندا آهن،

ابرار الحق جو موقف آهي تھ دنيا ۾ هڪڙا پرڻيل ۽ ٻيا وري شديد پرڻيل هوندا آهن. صبا قمر کيس ورندي ڏيندي آهي تھ منهنجو تھ انهن ٻنهي قسمن ۾ ڳاڻيٽو نٿو ٿئي. وڊيو ۾ ابرار الحق پراجيڪٽ بابت وڌيڪ ڳالهائڻ چاهي ٿو، پر صبا کيس آڱر جي اشاري سان چپ ڪرائي ڇڏي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button