شوبز

هانيھ عامر مسڪراهٽ کي عورت جو سينگار قرار ڏنو..!!

ڪراچي (شوبز ڊيسڪ) پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا هانيھ عامر مسڪرائڻ کي عورت جو سڀ کان وڌيڪ خوبصورت ميڪ اپ يا سينگار قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق هانيھ عامر نئين فوٽو شوٽ مان پنهنجي هڪ انتهائي خوبصورت مسڪراهٽ واري ڳاڙهي جوڙي ۾ تصوير پڻ شيئر ڪئي آهي، جنهن کي ڏسندي ئي مداح سندس سونهن ۽ اعتماد جي ساراهه ڪرڻ بنا رهي نھ سگهيا آهن. هانيھ عامر پنهنجي تصوير جي ڪيپشن ۾ لکيو آهي تھ، مسڪرايو، ڇاڪاڻ تھ عورت جو سڀ کان وڌيڪ خوبصورت انداز ۽ سينگار اها دلڪش مسڪراهٽ ئي آهي، تنهنڪري اها هر وقت چهري تي رکندا ڪيو، پر دل سان مسڪرائڻ ئي خوبصورتي ۾ نکار پيدا ڪندو آهي. جڏهن تھ عورتن جي وڏي تعداد هانيھ کي داد ڏنو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button