شوبز

افغانستان ۾ ٽي وي جي ميزبان عورتن کي چهرو ڍڪڻ جو حڪم

افغانستان ۾ ٽي وي جي ميزبان عورتن کي چهرو ڍڪڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق طالبان حڪومت جي امر باالمعروف وزارت جي ترجمان عاڪف مهاجر سمورن ٽي وي چينلز جي اختيارين کي گائيڊ لائين فراهم ڪئي آهي. رپورٽ موجب طالبان اختيارين عورت ميزبانن کي اڄ کان ئي چهرو ڍڪي ٽي وي تي اچڻ جي آخري مهلت ڏني وئي آهي تھ اهي پنهنجا چهرا ڍڪي ٽي وي تي اچن. وزارت امر بالمعروف جي ترجمان عاڪف مهاجر جو چوڻ آهي تھ اسان ٽي وي چينلز جي اختيارين کي مشورو ڏنو، انهن خوشي سان قبول ڪيو ۽ افغان عوام ان جي حمايت ڪندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button