سائنس ۽ ٽيڪنالاجي

انٽرنيٽ تي ڏوهارين کي پڪڙڻ واري ايپ متعارف ٿي وئي

برطانوي حڪومت انٽرنيٽ تي هڪ نئين ايپ متعارف ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن جو مقصد انٽرنيٽ تي معصوم شهرين کي ڏوهارين جو نشانو بڻجڻ کان بچائڻ ڄاڻايو ويو آهي. ميڊيا مطابق ملڪ جي جاسوس ايجنسي ايم آئي فائيو

ٿنڪ بيفور يو لنڪ جو خاڪو

جو چوڻ آهي تھ اسان ڄاڻون ٿا تھ لنڪڊ ان ۽ فيس بڪ جهڙين ويب سائيٽن تي جعلي پروفائيلز ذريعي 10 هزار برطانوي شهرين کي نشانو بڻايو ويو آهي. جڏهن تھ اهڙين ويب سائيٽن تي ڏوهاري شهرين کي حساس معلومات فراهم ڪرڻ جي نيت سان راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. “ٿنڪ بيفور يو لنڪ” نالي ايپ ماڻهن کي شڪي جوابدارن سان رابطن جي نشاندهي ڪري ڏيندي. ٻڌايو وڃي ٿو تھ هي ايپ گهڻي معلومات فراهم نٿي ڪري، پر اها اوهان کي شڪي ماڻهن بابت نشاندهي ڪرڻ سان گڏ محفوظ رهڻ جو پتو ڏيندي آهي.

انٽرنيٽ جاسوسي جو مفهوم

هوڏانهن سائبر سيڪيورٽي جي برطانوي وزير اسٽيو بارڪلي جو چوڻ آهي تھ جعلي پروفائيلز ڪاروباري نيت سان تيار ڪيا ويندا آهن، تنهنڪري اسان جي ڪوشش آهي تھ رابطن کي محفوظ بڻايون ۽ ان ڏس ۾ هي ايپ اهم آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button