شوبز

آريان خان کي منشيات ڪيس مان ڪلين چٽ ملي وئي

بالي ووڊ جي ڪنگ شاهه رخ خان جي پٽ آريان خان کي اينٽي نارڪوٽڪس بيورو ڪروز منشيات ڪيس ۾ ڪلين چٽ ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق اين بي سي جي عملدارن جاچ کي مڪمل ڪندي ڪيس اڪلائي ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ اين بي سي جي علمدار سنجي ڪمار سنگهه جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي تھ آريان ۽ موهڪ کي ڇڏي باقي ماڻهن وٽان منشيات هٿ آئي هئي. هوڏانهن ڪيس جي جاچ ڪندڙ اڳوڻي اين بي سي عملدار سمير واکنڊي آريان خان ڪيس بابت تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. هن جو چوڻ هو تھ مان معذرت ڪندس، هاڻ اين بي سي ۾ ناهيان، انهن سان رابطو ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button