سائنس ۽ ٽيڪنالاجي

برطانيا ۾ سڪي ويل هٿن جي پيوندڪاري جو تجربو ڪامياب

برطانيا جي شهري اسٽيون گيليگر جي سڪي هڪ مٺ جيان بند ٿي ويل ناڪارا هٿن جي پيوندڪاري جو ڪامياب آپريشن ۽ تجربو ڪيو ويو آهي، جنهن بعد مريض هاڻ پاڻ کي تندرست ۽ بهتر محسوس ڪري رهيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھُ 48 ورهين جو اسٽيون گيليگر برطانيا جي علائقي آئرشائر سان تعلق رکي ٿو، کيس 13 سال اڳ ڳلي ۽ بانهن تي خارش جي شڪايت ٿي،

هٿن جي پيوندڪاري بعد مريض تندرست نظر اچي رهيو آهي

جنهن بعد سندس هٿن ۾ سور ٿيو، جنهن جي ڊاڪٽرن پهرين لوپس بيماري طور سڃاڻپ ڪئي، بعد ۾ ڪارپل ٽنل سينڊروم نالي بيماري چئي وئي. جڏهن تھ اسٽيون گيليگر جي تڪليف ختم نھ ٿي ۽ سندس هٿ آهستي آهستي سڪندا ويا، جيڪي ڪجهه عرصي اندر سڪي بلڪل هڪ مٺ ۾ تبديل ٿي ويا، جن سان هو ڪابھ شئي نھ کڻي سگهندو، نھ ڪو ڪم ڪري سگهيو ٿي، ايستائين جو ڪپڙا بدلائڻ بھ عذاب بڻجي ويو. ماهر ڊاڪٽرن بيماري جي سڃاڻپ اسڪليروڊ روما نالي ڪئي، جنهن ۾ جسم جا ٻاهريان ۽ اندريا حصا متاثر ٿيندا آهن.

هٿن جي پيوندڪاري بعد مريض پالتو ڪتو جهلي بيٺو آهي

اسٽيون گيليگر ٻڌايو تھ ڊاڪٽر سرجن پروفيسر اينڊريو هارٽ پيوندڪاري جو مشورو ڏنو، جنهن تي مون کي کل اچي وئي ۽ مون سوچيو تھ هي خلائي دور جي ڳالهه پيا ڪن. هن چيو تھ 2016ع ۾ آپريشن ذريعي منهنجي ٻنهي هٿن جي پيوندڪاري ڪئي وئي، مون کي خطرن بابت پڻ ٻڌايو ويو، پر هاڻ مان تڪليف مان آجو آهيان.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button