شوبز

ڪنگنا هتڪ عزت ڪيس ۾ 4 جولائي تي عدالت ۾ پيش ٿيندي

بالي ووڊ ۾ تڪرارن کي گڏ کڻي هلندڙ اداڪارا ڪنگنا رناوت ايندڙ مهيني جي 4 تاريخ تي جاويد اختر جي هتڪ عزت ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت ۾ پيش ٿيندي. ميڊيا مطابق ڪنگنا جاويد اختر تي الزام لڳايو هو تھ سندس تعلق بالي ووڊ جي خودڪش گينگ سان آهي، جنهن تي جاويد اختر مٿس هتڪ عزت جو ڪيس داخل ڪرايو. هوڏانهن ڪنگنا جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو آهي تھ ڪنگنا4 جولائي تي عدالت ۾ پيش ٿيندي. ڪنگنا رناوت عدالت کي استدعا ڪندي چيو آهي تھ عدالت ۾ جڏهن مان بيان رڪارڊ ڪرايان تھ ميڊيا موجود نھ هجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button