سنڌ

نوشهروفيروز ۾ عورت جو پنهنجي مڙس جي مبينا ڏاڍ خلاف احتجاج

نوشهرو فيروز جي عمراڻي محلي جي رهواسڻ نازيه پيرزادو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو آهي. ته 15 سال اڳ سندس امڙ کيس ابڙان ويجهو ڳوٺ نبي بخش انڙ جي رهواسي غلام علي انڙ کان طلاق ڏياري، جنهن مان کيس پٽ جو اولاد آهي، اتي سندس زندگي بهترين گذرندي هئي پر سندس ما گهر ڦٽائي ڇڏيو ۽ 8 مهينن بعد غلام رسول وڳڻ سان شادي ڪرائي ڇڏي، جنهن مان 3 نياڻيون ۽ 3 پٽن جو اولاد آهي. هن چيو ته منهنجو مڙس غلام رسول وڳڻ ٻين ماڻهن جي چوڻ ۾ اچي ويو آهي ۽ مون تي اعتبار نٿو ڪري، هن چيو ته مونکي ڊپ آهي ته منهنجو گهر اجڙي نه وڃي. جنهن ڪري اختيارين کي اپيل ٿي ڪريان ته منهنجي مڙس کي ڀڙڪائيندڙ ۽ غلط صلاحون ڏيندڙن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏياريو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکنديس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button