پاڪستانسنڌ

يو اي اي طرفان پاڪستان کي معاشي بحران مان ڪڍڻ لا سرڪاري ڪمپنين جا شيئرز خريد ڪرڻ جي آڇ

اسلام آباد: گڏيل عرب امارات پاڪستان کي معاشي بحران مان ڪڍڻ لا سرڪاري ڪمپنين جا ڏهه سيڪڙو شيئر خريد ڪرڻ جي آڇ ڪري ڇڏي آهي.پاڪستان گڏيل عرب امارات کي اربين ڊالرن جا نوان قرض ڏيڻ جي درخواست ڏني هئي، جنهن جي جواب ۾ يو اي اي پاڪستان جي حڪومت کي آڇ ڪئي آهي ته اها حڪومتي ملڪيتي ادارن جا اقليتي شيئرز خريد ڪرڻ چاهي ٿي ۽ ان سان گڏ اهو چيو ويو آهي ته سرڪاري ادارن جي بورڊ تي يو اي اي کي هڪ سيٽ ڏني وڃي. جيڪڏهن هي آڇ سرڪاري سطح تي قبول ڪئي وڃي ٿي ته پاڪستان جي حڪومت کي ان سان وڏو فائدو رسندو ۽ ان جي ذريعي پاڪستان ۽ يو اي اي ۾ روايتي قرض ڏيندڙ ۽ قرض وٺندڙ ملڪ وارا ناتا تبديل ٿي هڪڙي نئين رخ ۾  اڳتي وڌندا. تازو چين جي حڪومت پاڪستان جي ذمي ٻه ارب ڊالرن جو قرض معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو، ۽ ان کان پو گذريل هفتي چين ٻه ارب 30 ڪروڙ  ڊالر پاڪستان ڏانهن ٽرانسفر ڪيا هئا جنهن سان پاڪستان کي ڪنهن حد تائين رليف مليو هو. هاڻي جڏهن يو اي اي هي آڇ ڪئي آهي ته ان جا پاڪستان جي معيشيت تي بهتر اثر پوڻ  جا امڪان آهن. ايڪسپريس ٽربيون کي انتهائي اهم ذريعن وٽان ڄاڻ ملي آهي ته يو اي اي جي حڪومت پاڪستان کي اها آڇ ڪئي آهي ته اها حڪومت جي ملڪيتي ڪمپنين جا ڏهه کان ٻارنهن سيڪڙو شيئر خريد ڪرڻ چاهي ٿي. ايڪسپريس ٽربيون سان ڳالهائيندي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته هڪ دوست ملڪ طرفان اها تجويز آئي آهي ته اهو  پاڪستاني ڪمپنين جا اسٽاڪ خريد ڪرڻ چاهي ٿو. ذريعن ٻڌايو  آهي ته يو اي اي چٽن لفظن ۾ آڇ ڪئي آهي ته اهو ڪمپنين جا شيئر خريد ڪرڻ  چاهي ٿو، پر حڪومت پاڪستان چاهي ٿي ته اهڙي ڪنهن به ڪانٽريڪٽ ۾  اها شق شامل ڪئي وڃي ته پاڪستان جي سرڪار کي هڪ خاص مدي کانپو اهي شيئرز واپس خريد ڪرڻ جو اختيار هجڻ  گهرجي. معلوم ٿيو آهي ته يو اي اي تازو مصر ۾ ٻه ارب ڊالرن جي اتي جي ڪمپنين جا شيئر خريد ڪري سيڙپڪاري ڪئي آهي، اهڙي ئي طريقي سان يو اي اي پاڪستان جي سرڪاري ڪمپنين جا شيئر خريد ڪرڻ  چاهي ٿي. هي آڇ وزير اعظم شهباز شريف جي اپريل ۾  يو اي اي جي دوري دوران يو اي اي کي اربين ڊالرن جي بيل آئوٽ پئڪيج واري درخواست کانپو سامهون آئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزير اعظم جي درخواست کانپو يو اي اي جو اعلى سطحي وفد شهباز شريف سان لاهور ۾ مئي جي پهرين هفتي ۾  ملاقات ڪري چڪو آهي. ذريعن موجب  يو اي اي جي ساورن ويلٿ فنڊ مصر سان ٻه ارب ڊالرن جو معاهدو هڪ مهيني کان به گهٽ  وقت ۾ ڪري ڇڏيو هو پر پاڪستاني اختياريون اڃا تائين هن سلسلي ۾  ڪو به واضح  جواب نه ڏئي سگهيون آهن. ياد رهي ته هلندڙ سال مارچ ۾  يو اي اي پنهنجي ٻه ارب ڊالرن جي قرض جي واپسي جي مدي ۾ هڪ سال جي واڌ پڻ ڪري ڇڏي هئي. ذريعن جو چوڻ  آهي ته يو اي اي جا ساورن فنڊس ابوظهبي انويسٽمينٽ اٿارٽي ۽ مبادلا انويسٽمينٽ ڪمپني يا ابو ظهبي نيشنل آئل ڪمپني پاڪستان جي سرڪاري ڪمپنين ۾ شيئرز خريد ڪرڻ ۾ دلچسپي ڏيکاري سگهن ٿيون. ذريعن جو چوڻ آهي ته معاهدو ٿيڻ جي صورت ۾  پبلڪ سيڪٽر  جي 20 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمت ۾ پڻ وڏو اضافو ٿي سگهي ٿو. ياد رهي ته اسٽاڪ ايڪسچينج تي ڏيڍ درجن کان وڌيڪ سرڪاري ڪمپنيون رجسٽرڊ آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن پاڪستان جي حڪومت اها آڇ قبول ڪري ٿي ته انهن ڪمپنين جي ڏهه سيڪڙو شيئرز جي وڪري سان هڪ ارب کان هڪ ارب ٽيهه ڪروڙ  ڊالرن تائين جي رقم پاڪستان جي خزاني ۾ ترت داخل ٿي سگهي ٿي. هوڏانهن پرائيويٽائيزيشن ڪميشن جي دستاويزن موجب پاڪستان ۾  ڪمپنين جا شيئرز فقط مسابقطي نموني سان خريد ڪري سگهجن ٿا. ٻِئي پاسي ذريعن جو چو ڻ آهي ته يو اي اي حڪومت بڊنگ پروسيز جو حصو ٿيڻ ۾ دلچسپي نٿي رکي. ان پاڪستان کي آڇ ڪئي آهي ته ٻئي ڌريون  آزاد مالياتي صلاحڪار مقرر ڪن، جيڪي قيمتن جو اندازو لڳائن ۽ آخري قيمت طئي ڪن، جنهن تي شيئرز جي خريداري ٿي سگهي. ذريعن جو چوڻ  آهي ته معاملو حل ڪرڻ لا اهو ترت وفاقي ڪابينا ۾ به آڻي سگهجي ٿو ڇو ته پاڪستان وٽ وقت تمام گهٽ  آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button