سنڌ

قمبر جي مختلف تعلقن ۾ اسان جا اميدوار ڪامياب ٿيا آهن:برهان چانڊيو

قمبر جي غيبي هائوس تي ايم پي اي نوابزاده برهان خان چانڊيو پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته اسان جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ ۾ ٻه وڏا سياسي گروپ آهن، اسان هميشه عوام جي خدمت ڪئي آهي، جنهن ڪري ضلعي جي مختلف تعلقن وارهه، نصيرآباد ۽ يونين ڪائونسل مُرادي، ڌامراهه، بهرام ۾ اسان جا اميدوار وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيا آهن. جڏهن ته آزاد اميدوار به اسان سان گڏ آهن، ڪجهه هنڌن تي غلط فيصلا ڪري اميدوار بيهاريا ويا، اتي پيپلزپارٽي کي ناڪامي ٿي، اسان هميشه پنهنجي تڪن ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن جنهن ڪري عوام اسان جي اميدوارن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو آهي. هن چيو ته اسان کي تعلقن سميت ضلعي جي کٽندڙ اميدوارن جي حمايت حاصل آهي، ان ڪري ضلعي ۽ تعلقن، يونين ڪائونسل ۾ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين چونڊينداسين اسان کي ڪجهه سخت فيصلا ڪرڻا پوندا. قمبر ميونسپل ڪاميٽي ۾ وائيٽ ڪالر ڀنگي پگهارون کڻن ٿا جنهن جي مد ۾ تمام گهڻي بجيٽ وڃي ٿي، وائيٽ ڪالر نڪما ماڻهو هٽائي قمبر شهر کي صاف سٿرو رکڻ لاءِ قدم کنيا ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button