شوبز

پرڻيل مرد سان شادي تي ماڻهن مهڻا ڏنا، غلط ڳالهايو: غنا

پاڪستاني اداڪارا غنا علي انڪشاف ڪيو آهي تھ پرڻيل مرد سان شادي ڪرڻ تي ماڻهن مون کي گهٽ وڌ ڳالهايو ۽ مهڻا ڏنا آهن. ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ هن جو چوڻ هو تھ مڙس اڳ ئي پرڻيل هجڻ سچ آهي، پر مڙس جي پهرين زال کي منهنجي شادي جي خبر نھ هجي، اهو ممڪن ئي ناهي، ڇوتھ اسان شادي جو باقائدا اعلان ڪيو هو. هن ٻڌايو تھ پهرين زال هاڻ مڙس سان گڏ ناهي، تنهنڪري ماڻهن ان جو ذميوار بھ مون کي قرار ڏنو آهي. هن چيو تھ ماڻهن مون تي ايڏو ڳالهايو آهي جو اهي لفظ ٻڌي ڄڻ صدمي ۾ اچي ٿي ويس. هن چيو تھ مون آئٽم گيت ڪيو تھ ماڻهن کي ڪاوڙ نھ آئي، پر هن تنقيد تي روئي ويٺس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button