
پاڪستان جي قومي هاڪي ٽيم جو ڪپتان علي شان مالي پريشانين سبب ڪيمپ ۾ شريڪ نھ ٿيو آهي ۽ معذرت ڪري ڇڏي آهي. ايڪسپريس سان ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو تھ راند تي فوڪس نھ هجڻ ۽ گهر جي پريشانين سبب راند مان وقفو ورتو آهي، جنهن جي آگاهي پي ايڇ ايف کي پڻ ڏني هئي. ڊپارٽمينٽ ختم ٿيڻ سبب ڏکيا ڏينهن آهن، مون تعليم بھ اڌوري ڇڏي هئي. هوڏانهن پي ايڇ ايف جي سيڪريٽري آصف باجوا چيو آهي تھ عالي شان آرام جو وقت گهريو هو، مالي پريشانين جو ذڪر ناهي ڪيو، ساڻس ٻيهر ملاقات ڪندس.