
پاڪستاني اداڪارا عائشھ عمر ايڪسپو دبئي ۾ پهچي وئي آهي، جتان هن تصويرون پڻ شيئر ڪيون آهن. ميڊيا مطابق عائشھ عمر اخباري اداري خليج ٽائمز جي آفيس آڏو پڻ پهتي، جتي هن هڪ تصوير پڻ ورتي ۽ اها مداحن سان شيئر ڪري ڇڏي آهي. عائشھ عمر تصوير جي ڪيپشن ۾ لکيو آهي تھ زندگي ۾ هن نوعيت جو ڪيل سفر سدائين ياد رهندو آهي. جڏهن تھ مداحن سندس ان تصوير ۽ انداز کي ساراهيو آهي.