سنڌ

لاڙڪاڻي بار جو ميمبر آهيان، هتي ٻيهر ايندس:چيف جسٽس

چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس احمد علي شيخ چيو آهي ته اڄ ڪافي عرصي کان پوءِ لاڙڪاڻي جي سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ۾ آيو آهيان، هي بار منهنجو پنهنجو گهر آهي، الله تعالي مون کي اڄ جتي پهچايو آهي ان ۾ هن بار جو وڏو هٿ آهي، لاڙڪاڻي ۾ جيڪڏهن هاءِ ڪورٽ نه هجي ها ته شايد اسان کي هي موقعو نه ملي ها. هن چيو ته هتي اچڻ تي وڪيل دوستن پنهنجا ڪجهه مطالبا پيش ڪيا جيڪو ڪو ٿورو نه پر انهن جو حق به آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻو ۾ بار پاران ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس احمد علي شيخ چيو ته آءُ هن بار جو ميمبر آهيان ۽ زندگي وفا ڪئي ته ٻيهر هتي ئي ايندس. هن چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ۾ لفٽ لڳرائڻ لاءِ منهنجي چيف انجنيئر سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ۽ نومبر جي ٻئي هفتي ۾ بار ۾ لفٽ لڳي ويندي ۽ بار جي لائبريري کي ترجيحي بنيادن تي هفتي اندر وڌيڪ ڪتاب فراهم ڪيا ويندا. هن چيو ته هاءِ ڪورٽ بار ۾ پارڪنگ جي ايراضي کي وڌائڻ لاءِ به مون چيف انجنيئر کي گهرايو جنهن کي به وڌائڻ جو ڪم جلد شروع ٿيندو. هن چيو ته رتوديرو ڪورٽ بلڊنگ جو ڪم ڪافي عرصي کان بند هو ان سلسلي ۾ مون چيف انجنيئر کي هدايتون ڏنيون جڏهن ته شهدادڪوٽ جوڊيشل ڪامپليڪس جو ڪم سست رفتاري سان هلي رهيو آهي. هن چيو ته ڏوڪري ۾ 2 فعال جوڊيشل مئجسٽريٽ آهن، ڏوڪري لاءِ ڏوڪري لاءِ پلاننگ ڊويزن وارن هڪ بلڊنگ جي منظوري ڏني جن کي وڌائي 3 بلڊنگ ڪرڻ لاءِ ان ڪم کي روائيز ڪرايو ويندو جيئن مستقبل ۾ اتي سينيئر سول جج يا ايڊيشنل سيشن جج موجود هجن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button