سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ دل جو دورو پوڻ سبب پيرسن فوت

لاڙڪاڻي جي اين آءِ سي وي ڊي ۾ دل جي تڪليف سبب آيل 50 ورهين جو مريض کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن پيرسن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، جنهن جي سڃاڻپ عبدالغني طور ٿي آهي. اسپتال انتظاميا موجب فوتي پيرسن پهريان دل جي تڪليف سبب اين آءِ سي وي ڊي ويو، جتان کيس ايمرجنسي وارڊ مان علاج ڪرائڻ جو چيو، ان دوران هو ايمرجنسي وارڊ اچي رهيو هو ته رستي ۾ دل جي اٽيڪ سبب فوت ٿيو آهي. ضروري ڪارروائي بعد پيرسن جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪي لاش کڻائي ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button