سنڌ

ڀيڻ جو قاتل ڌمڪيون ڏيئي رهيو آهي:لاڙڪاڻي جو واپاري

لاڙڪاڻي جي علي آباد واسي شوروم هلائيندڙ واپاري ضمير حسين شاهه لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته چار سال اڳ ڀيڻ رشيده شاهه کي سندس مڙس عباس شاهه ڀائرن سان گڏجي قتل ڪيو هو. عاقل پوليس ڪيس ۾ نامزد 4 جوابدارن مصري شاهه، سهڻل شاهه، جميل شاهه ۽ شڪيل شاهه کي گرفتار ڪري چالان ڪرڻ بعد جيل اماڻيو. ٻه مهينا اڳ لاڙڪاڻي جي ماڊل ڪورٽ عباس شاهه کي ڦاهي ۽ ٻين 4 جوابدارن کي عمرقيد جي سزا ٻڌائي پر هن وقت تائين عباس شاهه روپوش آهي، جنهن ڪالهه منجهند ڌاري هٿياربندن سان منهنجي گهر ۾ گهڙي فائرنگ ڪري قتل جون ڌمڪيون ڏنيون آهن. هن چيو ته قاتل عباس هن وقت لاڙڪاڻو ويجهو هڪ سياسي شخص جي اوطاق تي ترسيل آهي، پوليس کي ڄاڻ ڏني آهي پر پوليس به بااثر جي خوف کان ڪارروائي نٿي ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button