شوبز

شاهه رخ خان جي گهر تي اين سي بي جو ڇاپو، ڪمرن جي تلاشي

بالي ووڊ جي ڪنگ شاهه رخ خان جعي گهر تي نارڪوٽڪس ڪنٽرول بيورو جي اهلڪارن ڇاپو هنيو آهي، جنهن بعد انهن گهر جي ڪمرن جي سرچ پڻ ڪئي آهي. ميڊيا مطابق شاهه رخ خان جي پٽ آريان خان جي منشيات ڪيس ۾ گرفتاري جي 18 ڏينهن بعد ۽ سندس ڪورٽ مان ضمانت رد ٿيڻ کانپو اين سي بي جا اهلڪار شاهه رخ خان جي گهر منت پهتا آهن، جن جون تصويرون ۽ وڊيوز بھ سامهون اچي ويون آهن، جن جي هٿن ۾ ڪجهه ڪاغذ پڻ ڏٺا ويا آهن. هوڏانهن اين سي بي اهلڪارن کي اداڪارا انانيا پانڊي جي گهر ڏي بھ ويندي ڏٺو ويو، ڇاپي جا بھ اطلاع مليا آهن. هوڏانهن شاهه رخ خان جيل پهچي پهريون ڀيرو پٽ سان مليو، جنهن دوران جذباتي منظر بھ سامهون آيا آهن. هوڏانهن منت تي ڇاپو هڻندڙ اين سي بي عملدار جو چوڻ آهي تھ ڪنهن ماڻهو يا جڳهه تي وڃڻ جو مطلب ان جي ڏوهاري هجڻ جو نھ ورتو وڃي، اسين رڳو جاچ ڪيون پيا.

شاهه رخ خان جي گهر تي ڇاپو هڻڻ نھ وياسين: اين سي بي

ڀارت جي نارڪوٽڪس بيورو جي عملدارن شاهه رخ خان جي گهر منت تي ڇاپي وارين رپورٽن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا کي جاري ڪيل بيان ۾ عملدارن جو چوڻ آهي تھ اهي شاهه رخ خان جي گهر ڇاپو هڻڻ لا نھ ويا هئا، پر شاهه رخ خان جي پٽ آريان سان ملاقات ڪرڻ بعد ڪجهه ڪاغذّي ڪاروائي پوري ڪرڻ جي لا منت ويا هئا. انانيا پانڊي جي گهر ڇاپو هنيو آهي ۽ ان کي پڇا ڳاڇا لا آفيس ۾ طلب پڻ ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button