سنڌ

ڪي اين شاهه ويجهو ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، پيرسن فوت

خيرپور ناٿن شاهه ڀرسان تيز رفتار ڪار جو موٽرسائيڪل سان ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ خيرپور ناٿن شاهه جي ڳوٺ فيروز چانڊيو واسي 55 ورهين جو پيرسن عزيز الله ولد مولوي شير محمد چانڊيو سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي وارثن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال آندو جتي ڊاڪٽرن پيرسن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. وارثن ٻڌايو ته فوتي خيرپورناٿن شاهه کان موٽر سائيڪل تي ڳوٺ ڏانهن اچي رهيو هو ته کوسا پئٽرول پمپ وٽ تيز رفتار ڪار جو موٽرسائيڪل سان ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ حادثو پيش آيو آهي. هوڏانهن ضروري ڪارروائي بعد پيرسن جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button