سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ ڊليوري دوران عورت فوت، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو

لاڙڪاڻي جي نظر محلي ۾ قائم خانگي ميڊيڪل سينٽر تي آپريشن بعد ڳوٺ مياڻي عبدالله مغيري واسڻ 7 ٻارن جي ما بادشاهزادي فوت ٿي وئي، جنهن تي وارثن ليڊي ڊاڪٽر مٿان غفلت جو الزام لڳائيندي لاش ايس ايس پي چوڪ تي رکي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي فوتي عورت جي مڙس قلندر بخش مغيري صحافين کي ٻڌايو ته اڄ صبح مون پنهنجي گهر واري بادشاهزادي کي خانگي اسپتال بينظير ۾ ڊليوري لاءِ داخل ڪرايو. هن الزام لڳايو ته داخل ڪرائڻ وقت ڊاڪٽرياڻي سونم ڪماري 35 هزار ورتا ۽ ڌيءَ جي اولاد ٿي جنهن بعد هن گهر واري کي انجيڪشن لڳائي ته هوءَ فوت ٿي وئي، جنهن کانپوءِ 5 ڪلاڪ گذرڻ بعد ڊاڪٽرياڻي اسان کي لاش ڏنو، جيڪا سراسر زيادتي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button