شوبز

آريان انانيا کي گانجو آڻي ڏيڻ لا چيو هو: اين سي بي جي دعوا

بالي ووڊ جي سپر اسٽار شاهه رخ خان جي پٽ آريان خان جي منشيات ڪيس ۾ گرفتار، سندس ضمانت نھ ٿيڻ ۽ اداڪارا انانيا پانڊي جي گهر تي نارڪوٽڪس ڪنٽرول بيورو جي اهلڪارن جي ڇاپي بعد ٻنهي اسٽار ٻارن جي وچ ۾ ٿيل واٽس ايپ چيٽ ڪيس جي جاچ کي نئون رخ ڏئي ڇڏيو آهي. رپورٽس ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ اداڪار چنڪي پانڊي جي اداڪارا ڌي کي بھ منشيات ڪيس جي جاچ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. جڏهن تھ نارڪوٽڪس ڪنٽرول بيورو انانيا کان سندس آريان سان چيٽ بابت سوال جواب ڪري وضاحت پڇي. ذريعن جو چوڻ آهي تھ انانيا جي آڏو سندس آريان سان ٿيل چيٽ سامهون رکي وئي، جنهن ۾ آريان پڇيو تھ ڇا گانجي جو بندوبست ٿي سگهي ٿو، انانيا وراڻيو تھ ها مان ڪري وٺنديس. جڏهن تھ انانيا جاچ ۾ اين سي بي کي ٻڌايو تھ مان آريان سان منشيات بابت مسخري ڪري رهي هيس.

آريان پي سان ملاقات ۾ معافي گهري تھ شاهه رخ کيس حوصلو ڏنو

بالي ووڊ سپر اسٽار شاهه رخ خان جيل ۾ پٽ آريان سان ملاقات ڪئي هئي، جنهن جا ٿفصيل سامهون آيا آهن تھ پي پٽ هڪٻئي کي آمهون سامهون ڏسي جذباتي ٿي ويا هئا. جڏهن تھ آريان پي کان پنهنجي لا معافي گهري تھ شاهه رخ کيس چيو، مون کي توتي ڀروسو آهي. ملاقات ۾ گهر جي ماني جو بھ ذڪر ٿيو.

انانيا پانڊي ٻيو ڀيرو اين سي بي آفيس ۾ پيش ٿي گانجو آڻي ڏيڻ وارا الزام رد ڪيا

بالي ووڊ اداڪارا انانيا پانڊي ٻن ڏينهن ۾ ٻيو ڀيرو اين سي بي آفيس ۾ آڏي پڇا لا پيش ٿي آهي، جنهن دوران هن آريان خان کي گانجو آڻي ڏيڻ وارن الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق ذريعن ٻڌايو تھ انانيا کان تقريبن ٻھ ڪلاڪ آڏي پڇا ٿي، جنهن ۾ کيس آريان سان منشيات بابت چيٽ ڏيکاري وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button