شوبز

آئمھ بيگ ۽ شهباز جلد شادي ڪري ڇڏيندا..!!

پاڪستان جي ڳائڻي آئمھ بيگ ۽ سندس مڱيندي شهباز شگري بابت انڪشاف ٿيو آهي تھ اهي جلد شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويندا. ميڊيا مطابق راڳي جوڙي ٽي وي شو ۾ اچي پنهنجي ذاتي عادتن بابت پڻ دلچسپ انڪشاف ڪري مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن تھ  شادي بابت ميزبان جي سوال تي آئمھ بيگ کيس ٻڌايو تھ اسين جلد شادي ڪري رهيا آهيون ۽ مڱڻو ڪرڻ جو مطلب بھ اهو آهي تھ اسان جي شادي جلد ٿيندي. جڏهن تھ هن شادي جي حوالي سان سال ۽ مهينو ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. آئمھ بيگ جو چوڻ هو تھ مان برياني کائڻ جي شوقين آهيان، چاهي بک هجي يا نھ هجي، پر برياني اڳيان اچڻ تي اها کائي وينديس. شهباز شگري چيو تھ مان هر ٻن ڪلاڪن بعد ڪپڙا تبديل ڪرڻ جو عادي آهيان.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button