شوبز

ماجد جهانگير غربت سبب دوا وٺڻ کان بھ لاچار ٿي ويو

پي ٽي وي جي مزاحيھ شو ففٽي ففٽي ذريعي شهرت ماڻيندڙ فنڪار ماجد جهانگير غربت سبب بيوس ٿي ويو آهي، ايستائين جو ان وٽ پنهنجي دوا بھ وٺڻ لا بھ پيسا ناهن. ميڊيا مطابق ڪراچي ۾ دوست جي فليٽ تي رهندڙ ماجد جهانگير لاهور ۾ اچي رهيو آهي، جيڪو تنگي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهي. جڏهن تھ حڪومت يا ڪنهن بھ سرندي واري ڪا مدد ناهي ڪئي. هو هن وقت فالج ۽ ٻين موذي بيمارين ۾ ورتل آهي، جنهن ۾ دوا وٺڻ توڙي زندگي جي ضرورتن لا دوستن آڏو هٿ ٽنگڻ تي مجبور آهي. ماجد جهانگير ٻڌايو تھ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سال اڳ تمغھ امتياز ڏيڻ جو ٻڌايو، پر کيس پنهنجو علاج گهريو، پر عمران اسماعيل چيو تھ، ڪجهه ڪيان ٿو، ڏيڍ سال ٿي ويو، ڪجهه ناهي ٿيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button