رانديون

پاڪ ڀارت ميچ لا ورتل ٽڪيٽ ضايع ٿي وئي: شيخ رشيد

گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي تھ پاڪستان ۽ ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيمن جي ميچ ڏسڻ لا مون پنهنجي کيسي مان ٽڪيٽ خريد ڪئي، جيڪا ملڪي حالتن جي ڪري ضايع ٿي وئي آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران هن دبئي وڃڻ جو سبب ٻڌائيندي چيو تھ ميچ ڏسڻ لا مون ٽڪيٽ پنهنجي پيسن مان ورتي، اوهان ڄاڻو ٿا تھ شيخ جا پيسا ٻڏڻ تھ اها وڏي خبر هوندي آهي. هن جو چوڻ هو تھ جواني ۾ پير رکڻ وارن ڏينهن کان وٺي پاڪستان ۽ ڀارت جي ميچ ڏسندو آهيان، ملڪي صورتحال سبب عمران خان فون ڪيو تھ، سڌو شارجا اچي جهاز تي چڙهي واپس موٽي آيس. هن چيو تھ منهنجي لا ميچ اهم هئي، ملڪي حالتن کي نظرانداز ڪري مزا نٿو ماڻڻ چاهيان.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button