رانديون

سرڪاري ٽي وي تي لائيو اسپورٽس پروگرام دوران اينڪر ڊاڪٽر نعمان نياز ۽ شعيب اختر وچ ۾ ڏندچڪ

اسلام آباد: سرڪاري ٽي وي تي لائيو اسپورٽس پروگرام دوران ٽي-ٽوينٽي ورلڊ ڪپ جي پاڪ-نيوزيلينڊ دنگل تي تجزيو ڪرڻ وقت پروگرام جي اينڪر ڊاڪٽر نعمان نياز ۽ اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر وچ ۾ ڏند چڪ ٿي پئي، ميزبان شعيب اختر کي لائيو پروگرام دوران نڪري وڃڻ لاءِ چيو.

اسپورٽس پروگرام جي اينڪر نعمان نياز نيوزيلينڊ خلاف قومي ٽيم جي حڪمت عملي بابت جڏهن شعيب اختر کان سوال پڇيو ته اڳوڻي فاسٽ بالر تجزيو پيش ڪرڻ دوران ٻه ٽي ڀيرا ميزبان کي مخاطب ٿي ميچ بابت سندس موقف تي چٿر ڪئي.

ميزبان ڊاڪٽر نعمان نياز لائيو پروگرام ۾ شعيب اختر کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان گهڻو روڊ پيا ڳالهايو ۽ جيڪڏهن توهان کي گهڻو اوور سمارٽ ٿيڻو آهي ته پوءِ پروگرام ڇڏي هليا وڃو.

شعيب اختر ميزبان کي جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته ميزبان جلد ۾ بريڪ وٺي ڇڏيو.

ذريعن موجب پروگرام آف ٿيڻ کانپوءِ به پروگرام جي ميزبان ۽ شعيب اختر وچ ۾ جملن جي ڏي وٺ جاري رهي ۽ شعيب اختر پروگرام اڌ مان ڇڏي هليو ويو ۽ پي ٽي وي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button