شوبز

ڪينسر مان بچڻ جا رڳو 30 سيڪڙو امڪان هئا: سونالي

بالي ووڊ اداڪارا سونالي باندري انڪشاف ڪيو آهي تھ ڪينسر جهڙي بيماري مان منهنجي بچڻ جا رڳو 30 سيڪڙو امڪان وڃي بچيا هئا. ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ هن جو چوڻ هو تھ مون کي اوچتو خبر پئي تھ ڪينسر جي آخري مرحلي ۾ پهچي وئي آهيان، جنهن جي اڳ ڄاڻ نھ هئي. هن چيو تھ ڊاڪٽرن علاج شروع ڪيو تھ انهن مون کي بچڻ جو 30 سيڪڙو آسرو مس ڏنو هو، پر مون کي پاڻ تي يقين هو تھ مان هن بيماري کي شڪست ڏئي سگهان ٿي. هن چيو تھ جڏهن منهنجا وار ڇڻڻ شروع ٿيا تھ مون نھ گهٻرايو، ڇوتھ خبر هئي، هي سڀ بيماري جو حصو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button