سائنس ۽ ٽيڪنالاجي

هوڊڊ پيٽوهوئي نالي پکي زهر سان ڀريل هجڻ جو انڪشاف

پاپوا نيو گني ۽ انڊونيشيا جي ٻيٽن وارن علائقن ۾ پکين جي دنيا ۾ هڪ اهڙي خطرناڪ پکي جي دريافت ٿي آهي، جيڪو عام هجڻ سان گڏ انتهائي زهريلو هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، سائنسدانن ان پکي جو نالو هوڊڊ پيٽوهوئي ڄاڻايو آهي. ٻڌايو وڃي ٿو تھ دلچسپ ڳالهه اها آهي تھ هي پکي 1994ع ۾ زهريلو هجڻ جي نشاندهي ٿي هئي، پکين جي هڪ ماهر جيڪ ڊمبيشر دنيا جي وڏي سمنڊ پيسفڪ جي ٻيٽن ۾ تحقيق ڪري رهيو ۽ هن پکين کي ڦاسائڻ خاطر ڄار وڇايو تھ پيٽوهوئي پکي ان ۾ ڦاسي پيو، جنهن سندس آڱر کي ڪٽي وڌو،

دنيا جو واحد زهريلو پکي

جنهن کي جيڪ منهن ۾ وجهي چوسيو تھ زبان جو ذائقو گم ٿي ويو ۽ آڱر سن ٿي وئي. جيڪ ان عمل مان ان ڳالهه کي دريافت ڪيو تھ هن دنيا جو واحد زهريلو پکي دريافت ڪري ورتو آهي. جيڪ مقامي ماڻهن کان معلومات ورتي تھ انهن ان کي ڪچرا پکي سڏيو، جنهن جو گوشت بھ بدبودار هوندو آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ بعد ۾ تحقيق مان بھ ثابت ٿيو تھ اهو پکي انتهائي زهريلو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button