پاڪستانسنڌ

عمران جا اڪائونٽ فوري بند ڪيا وڃن،جي آئي ٽي جوڙِي وڃي:سنڌ حڪومت

ڪراچي :سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته هر ڏوهه ۾ عمران خان پاڻ ملوث آهي. جڏهن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري تي توشا خانا جو ڪيس بڻجي سگهي ٿو ته عمران خان تي ڇو نٿو بڻجي سگهي. عمران خان جا چيئرٽي ۽ سياسي اڪائونٽ فوري طور تي بند ڪيا وڃن ۽ اعليٰ سطح جي جي آئي ٽي جوڙِي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خميس ڏهاڙي سنڌ آرڪائيوز ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته هن چيو ته عمران خان 18 اپريل 2008 تي برطانوي بينڪ کي پنهنجي اڳوڻي گهر واري جمائما خان جي اڪائونٽ ۾ هڪ لک پائونڊ چندي جي رقم مان منتقل ڪرڻ لاءِ خط لکيو. هي پاڪستاني ٺڳ نه پر بين الاقوامي ٺڳ آهي، ان جي خلاف برطانوي اٿارٽيز به جاچ جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري توشا خاني جون گاڏيون منظور ٿيل پاليسي جي تحت خريد ڪيون هيون، اهي گاڏيون هاڻ به ان وٽ آهن ۽ سندس استعمال هيٺ آهي. جڏهن ته عمران خان قيمتي گهڙيون مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪيون ۽ ان جو ڪجهه حصو قومي خزاني ۾ جمع ڪرايو. هن چيو ته جڏهن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري تي توشا خانا جو ڪيس بڻجي سگهي ٿو ته عمران خان تي ڇو نٿو بڻجي سگهي. هن چيو ته عمران خان کي مصنوعي طور تي اهل ڪيو پيو وڃي پر هو پهرين ڏينهن کان نااهل هو. عمران خان ڪافي شيون لڪايون آهن، هن ڪوڙ تي ڪوڙ ڳالهائي عوام کي دوکو ڏنو آهي. شرجيل انعام مميڻ چيو ته ڪالهه عمران خان باڊي لينگويج تبديل هئي، هو ڊنل هو ان جي ڳلي ۾ ڦاسي جو ڦاهو پوڻ وارو آهي. عمران خان نئين روايت وڌي آهي ته هو فقط پنهنجي پاڻ سان ڳالهه ڪندو آهي. ڪيمرا جي سامهون ويهي رهندو آهي، پنهنجي پسند جي صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪندو آهي. هن چيو ته خان صاحب ڪنهن کي به جواب ڏيڻ جي لائق ناهي رهيو، هي ماڻهو ملڪ جي خلاف ۽ ادارن جي خلاف ڳالهائي رهيا آهن. عمران خان سازش ڪري رهيو آهي، ان جي پٺيان ڪجهه دشمن ملڪن جي سپورٽ آهي. هي سوچيل سمجهيل سازش آهي جنهن ۾ عمران خان ملوث آهي. جيڪڏهن ڪنهن کي عمران خان جي اصليت جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪرڻي آهي ته حڪيم سعيد جو ڪتاب ۽ ڊاڪٽر اسرار احمد جي يوٽيوب تي وڊيو ڏسي وٺي. انهن چيو هو ته عمران خان يهودي لابي ۽ اسرائيل جو ايجنٽ آهي. صوبائي وزير چيو ته پي ٽي آئي اڳواڻ شهباز گل جو بيان جيڪڏهن پي ٽي آئي جي پاليسي ناهي ته کيس شوڪاز نوٽس ڇو ڪونه جاري ڪيو ويو. هن چيو ته شهباز گل ادارن خلاف گهٽيا زبان استعمال ڪئي. عمران خان سندس بيان جي مذمت ڇونه ڪئي. ادارن ۽ سربراهن جي خلاف مهم برداشٽ نه ڪئي ويندي. عمران خان کي شهباز گل جي رڪنيت معطل ڪرڻ گهرجي. عمران خان پهرين ڏينهن کان نااهل هو ۽ هاڻ فنڊنگ ڪيس ۾ نااهل ٿيندو. عمران خان ادارن جي دٻاءُ ۾ آڻي ادارن کي بليڪ ميل ڪرڻ چاهي ٿو. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان کان ادارن جو نيوٽرل هجڻ برداشت نٿو ٿئي. هن چيو ته عمران خان چاهي ٿو ته ادارا صرف ان لاءِ ڪم ڪن ۽ جيڪي حرڪتون انهن ڪيون آهن، ڪا ٻي جماعت ان جو سوچي به نٿي سگهي. عمران خان فارن فنڊنگ ڪيس کان بچڻ چاهي ٿو هي اوپن اينڊ شٽ ڪيس آهي جنهن ۾ عمران خان کي گهٽ ۾ گهٽ ست سال سزا ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته عمران خان چيو هو ته ٽي ٽي پي پاران ڀتي جون پرچيون پي ٽي آئي اڳواڻن کي موڪلون پيون وڃن. عمران خان چيو آهي ته طالبان کي خيبرپختونخوا ۾ سازش تحت فعال ڪيو پيو وڃي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪي پي ڪي ۾ گذريل 10 سالن کان وڌيڪ عرصي کان انهن جي حڪومت آهي جيڪي انهن اتي ڪرتوت ڏيکاريا آهن اهي سڀني کي خبر آهن بنو جيل ٽٽو، ڪابه جاچ نه ٿي ڪنهن کي به گرفتار نه ڪيو ويو. آرمي پبلڪ اسڪول جو افسوسناڪ واقعو ٿيو جيڪڏهن طالبان پرچيون ڏئي رهيا آهن ته عمران جي حڪومت اتي ڇا ڪري رهي آهي؟ ڇا ڀتي بابت ڳالهه عمران خان طالبان تي الزام لڳايو آهي. جڏهن ته ترجمان خيبرپختونخوا حڪومت بيريسٽر سيف چيو آهي ته ڀتي جا واقعا گهٽ ٿيا آهن هاڻي ڪير غلط بياني ڪري رهيو آهي. شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته پرويز الاهي کي عمران خان وزيراعليٰ بڻايو، هن به چيو ته شهباز گل کي اهڙو بيان نه ڏيڻ گهرجي ها. سياستدان عوامي نمائندو هوندو آهي، هن وڌيڪ چيو ته عمران خان منافق ترين شخص آهي، ان ڪري ملڪ ۾ منافقت پکيڙي رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button