
باليووڊ باربي ڊول ڪترينا ڪيف ۽ اداڪار وڪي ڪوشل جي شادي هلندڙ سال ڊسمبر ۾ ٿيڻ جا افواهه گردش ڪرڻ لڳا آهن. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ ۾ ذريعن جو حوالو ڏيندي دعوى ڪئي وئي آهي ته ڪترينا ڪيف ۽ وڪي ڪوشل هلندڙ سال ڊسمبر ۾ شادي ڪندا، رپورٽ موجب ڪترينا ڪيف ۽ وڪي ڪوشل پنهنجي شادي جي تقريب جي تيارين ۾ مصروف آهن، سندن شادي جو لباس ڀارتي ڊزائينر سبياسچي پاران تيار ڪيو پيو وڃي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته فى الحال ڪپڙن جي چونڊ ڪئي پئي وڃي، ڪترينا پنهنجي جوڙي جي لا خشڪ ريشم جي چونڊ ڪئي آهي، جنهن مان لهنگو تيار ڪيو ويندو،