رانديون

شاهين، حارث، بابر ۽ رضوان جي رينڪنگ ۾ بهتري

هندوستان ۽ نيوزيلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جي شروعاتي ميچن ۾ شاندار ڪارڪردگي تي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جا فاسٽ بالر شاهين آفريدي ۽ حارث رئوف ٽاپ ٽوئنٽي بالرن ۾ شامل ٿي ويا آهن.

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل طرفان رانديگرن جي تازي رينڪنگ جاري ڪئي وئي آهي. نيوزيلينڊ خلاف چار وڪيٽون وٺڻ سبب حارث رئوف جي رينڪنگ ۾ واضح بهتري آئي آهي. هو پنجاهين نمبر کان ترقي ماڻيندي سترهين نمبر تي اچي ويو آهي. هوڏانهن هندوستان خلاف پهرين ميچ ۾ ٽي وڪيٽون وٺندڙ شاهين آفريدي به يارنهن ڏاڪا ترقي ڪندي ٽيويهين کان ٻارهين هين نمبر تي اچي ويو آهي.

بيٽنگ ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جو ٻيو نمبر برقرار آهي. انڊيا خلاف ٽاپ اسڪورر محمد رضوان ٽي درجا ترقي ڪري چوٿين نمبر تي اچي ويو آهي. اها هن جي ٽي ٽوئنٽي ڪيريئر ۾ بهترين رينڪنگ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button