سنڌ

مدئجي ويجهو مهمان ٿي آيل نوجوان ۽ عورت ڪارنهن الزام هيٺ قتل

ڳوٺ مرزاپور جي رهواسي ڀورل جوڻيجو جي گهر ۾ مهمان طور ترسيل نئون ديرو واسي نوجوان انور جوڻيجو کي ٽن جوابدارن مبينا ڪارنهن الزام هيٺ گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد عورت عزيزان خاتون زال ڀورل جوڻيجو کي پڻ گوليو هڻي قتل ڪرڻ بعد جوابدار فرار ٿي ويا. اطلاع تي ڳاهيجا پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي تعلقي اسپتال مدئجي پهچايا، جتي ليڊي ڊاڪٽر نه هجڻ ڪري عورت جو لاش پوسٽ مارٽم لا شڪارپور اسپتال نيو ويو. اسپتال ۾ موجود مقتول انور ککراڻي جي گهرواري منور ککراڻي دانهيندي چيوته گذريل ڏينهن دوا وٺڻ آيل هئاسين موٽرسائيڪل خراب هجڻ ڪري پنهنجي واسطي واري ڀورل جوڻيجو جي گهر ترسيل هئاسين، ڪارنهن الزام بي بنياد آهي، گهر ڌڻي ڀورل جوڻيجو، سندس ڀا حسين بخش جوڻيجو ۽ علي رضا جوڻيجو فائرنگ ڪري منهنجي مڙس کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا آهن، اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي، بيگناھه جوابدان منهنجي مڙس کي گوليون هڻي قتل ڪيو آهي. رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ڳاهيجا غلام مصطفي’ ابڙو ٻڌايو ته جوابدار علي رضا جوڻيجو، ڀورل جوڻيجو ۽ حسين بخش جوڻيجو فائرنگ ڪري ڪارنهن الزام هيٺ مهمان ٿي آيل انور ککراڻي کي قتل ڪرڻ بعد عزيزان زال ڀورل جوڻيجو کي قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن. لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لا اسپتال منتقل ڪيا ويا، جيڪي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. هوڏانهن ڳاهيجا ٿاڻي تي سرڪاري مدعيت ۾ جوابدار ڀورل جوڻيجو، حسين بخش جوڻيجو ۽ علي رضا جوڻيجو خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button