شوبز

سنڌ جا 50 ھزار کان وڌيڪ فنڪار برساتن جو شڪار ٿيا آهن: حيدرآباد جا فنڪار

حيدرآباد: حيدرآباد جي فنڪارن چيو آهي ته سڄي سنڌ جا 50 ھزار کان وڌيڪ فنڪار ۽ فنڪارائون تازو پيل برساتن جو شڪار ٿيا آهن، سندن گهر جهري پيا آهن ۽ سندن سڀ ڪجهه برساتي پاڻي ۾ وهي ويو، ڪيترائي فنڪار برساتي ٻوڏ جو شڪار ٿي پنهنجيون حياتيون وڃائي چڪا آهن، هزارين فنڪار بک ۽ بدحاليءَ جي ڪري فاقاڪشي واري صورتحال ۾ آھن، سنڌ حڪومت ۽ ثقافت کاتو هن خطرناڪ برساتي ٻوڏ جي واقعن ۾ فوت ٿيل فنڪارن ۽ فنڪارائن جي وارثن کي 10- 10 لک روپيا ۽ جن جا گهر برسات ۾ ڪري لڙهي ويا آهن، انهن کي 5-5 لک روپيا ڏيڻ جو اعلان ڪري. اهڙو مطالبو حيدرآباد جي فنڪارن ۽ فنڪارائن اسرار لغاري، رفيق عيساڻي، استاد شفيع وارثي، عائشه مهڪ، ناصر خان بونيري، اسحاق راجو، تنوير صديقي ۽ ٻين حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو.

هنن چيو ته ثقافت کاتو پنهنجي نمائندن جي ذريعي سڄي سنڌ ۾ سروي ڪرائي ته ڪٿي ڪٿي سنڌ جي فنڪارن جو نقصان ٿيو آهي ۽ ڪيترائي فنڪار مها ٻوڏ ۾ پنهنجيون حياتيون وڃائي چڪا آهن. هنن چيو ته هونئن ته سڄي سنڌ ٻوڏ سبب تباهه حال آهي، ڪروڙين ماڻهو برساتي ٻوڏ جا متاثر، لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن ۽ هزارين ماڻهن پنهنجون حياتيون وڃايون آهن، سندن چوپايو مال مري ويو آهي، ساڳئي صورتحال سنڌ جي فنڪارن جي آهي. هنن چيو ته هن تباهيءَ ۽ ٻوڏ واري صورتحال ۾ سنڌ حڪومت جا واڳ ڌڻي انسانن کي تباهيءَ کان بچائڻ بدران وزير، مشير ۽ ڪامورا پنهنجيون ٻنيون بچائڻ ۾ پورا آهن ۽ ڪامورا برسات ۽ ٻوڏ سٽيلن لاءِ آيل سامان جون ٽرڪون غائب ڪري وڪرو ڪري رهيا آهن، اهڙن حڪمرانن تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button