اسلام آبادپاڪستان

پي ٽي وي ۾ لالچ ڏئي جنسي طور هراسان ڪندڙ جوابدار تي 30 لک ڏنڊ

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ پي ٽي وي ۾ جنسي هراسگي جي جوابدار اطهر فاروق بٽر کي 6 متاثر عورتن کي 5-5 لک رپيا ڏنڊ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ پي ٽي وي ۾ عورتن جي جنسي هراسگي ڪيس جو فيصلو جاري ڪيو ۽ 8 صفحن تي ٻڌل فيصلي کي جسٽس منصور علي شاهه لکيو آهي. جسٽس منصور علي شاهه فيصلي ۾ قرار ڏنو آهي ته ثبوتن سان ثابت ٿيو آهي ته پي ٽي وي ۾ عورتن کي عهدي جي لالچ ڏئي جنسي طور هراسان ڪيو ويو. سپريم ڪورٽ اطهر فاروق بٽر کي 6 عورتن کي 5-5 لک رپيا ڏنڊ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ چيو ته جيڪڏهن جوابدار ڏنڊ نه ڏنو ته ان جي ملڪيت کپائي متاثر عورتن کي ڏنڊ ادا ڪيو وڃي. واضح رهي ته پي ٽي وي جي 5 عورتن 2016 ۾ ڪنٽرولر اطهر فاروق خلاف جنسي هراسگي جي درخواست داخل ڪرائي هئي، جوابدار اڄڪلهه رٽائرمينٽ کانپوءِ ڪينيڊا ۾ رهي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button