
ڀارتي اداڪارا شهناز گل آنجهاني دوست سڌارٿ شڪلا کان عليحدگي وارين خبرن کي کل جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق شهناز گل ۽ سڌارٿ شڪلا ۾ عليحدگي بابت سوشل ميڊيا تي ڪيترن ئي ماڻهن دعوائون ڪيون آهن، جنهن تي ردعمل ڏيندي شهناز گل ٻڌايو تھ اهڙيون خبرون کل جوڳيون آهن، ڇوتھ ائين ڪڏهن نھ ٿيو هو.