شوبز

وينا ملڪ کي مداحن اوور ايڪٽنگ ڪندڙ قرار ڏئي ڇڏيو

پاڪستاني اداڪارا وينا ملڪ کي مداحن اوور ايڪٽنگ ڪندڙ قرار ڏئي تنقيد ڪئي آهي. ميڊيا مطابق وينا ملڪ ميڊم نورجهان جو روپ اختيار ڪري وڊيو شيئر ڪئي تھ مداحن ان تي تنقيد شروع ڪري ڇڏي. وڊيو ۾ وينا ملڪ ميڊم نورجهان جو روپ اختيار ڪري سندس ڳايل گاني چاندني راتين تي لپ سنڪنگ ڪئي آهي، پر مداحن کي اهو سڀ ڪجهه پسند نھ آيو آهي. هوڏانهن نورجهان بڻجڻ لا وينا ملڪ جي پاتل لباس کي وڏي انگ ۾ مداحن پسند نھ ڪيو. مداحن پنهنجي تبصرن ۾ چيو تھ نورجهان ڪڏهن بھ ايڏي اوور ايڪٽنگ نھ ڪئي جيتري وينا ملڪ ڪري رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button