رانديون

ڀارتي ٽيم جي هيڊ ڪوچ بعد ڪپتان بھ تبديل ٿيندو..؟

ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي نئين هيڊ ڪوچ راهول ڊريوڊ ٽيم جي ڪپتان کي بھ تبديل ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ پاران ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ خراب ڪارڪردگي کي سامهون رکي هيڊ ڪوچ روي شاستري کان هيڊ ڪوچ واريون ذميواريون کسي راهول ڊريوڊ کي هيڊ ڪوچ مقرر ڪيو ويو. جڏهن تھ نئين هيڊ ڪوچ وري ڪپتان جي تبديلي جو اشارو ڏنو آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ راهول ڊريوڊ ويرات ڪوهلي کانپو روهت شرما کي ڪپتان بڻائڻ جو اشارو ڏنو آهي. جڏهن تھ اختيارين پاران ڪي ايل راهول بھ ڪپتان بڻائڻ واري ڊوڙ ۾ شامل آهي، جنهن جي نالي تي اختيارين غور ويچار ڪيو آهي. نئين هيڊ ڪوچ جو چوڻ آهي تھ منهنجي خواهش آهي تھ ڪوهلي کانپو روهت شرما کي ڪپتان بڻايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button