شوبز

مڙس سان سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي، ماڻهو غلط نھ سوچين: عروا

پاڪستاني اداڪارا عروا حسين واضع ڪيو آهي تھ مڙس فرحان سعيد ۽ منهنجي وچ ۾ سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي، ماڻهو مهرباني ڪري غلط نھ سوچين. ٽي وي شو ۾ ڳالهائيندي هن ٻڌايو تھ اسان هڪٻئي جو احترام ڪيون ٿا، عام ماڻهن جيان اسان جي ذاتي زندگي جو بھ احترام ڪيو وڃي. هن ساٿي اداڪارا سونيا حسين پاران 50 لک رپين جي ڏنڊ جو نوٽيس ڏيڻ کان اڻڄاڻائي ڏيکاريندي ٻڌايو تھ ڏنڊ جي ادائيگي وارو نوٽيس ڏيڻ بابت ڪا ڄاڻ ناهي، مان تھ هن سوال تي حيران آهيان. هن چيو تھ فلم ڪرونا سبب دير جو شڪار ٿي هئي، تنهنڪري منهنجي خيال ۾ سونيا کي غلط فهمي ٿي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button