رانديون

لاهور جي موسم اسان جي آڏو چيلنجنگ هوندي: آئرش ويمن ڪپتان

آئرلينڊ جي ويمن ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان لورا ڊيلاني چيو آهي تھ لاهور جي موسم اسان جي حوالي سان چيلنگ هوندي، پر جلد ان صورتحال ۾ پاڻ کي بدلائي وٺنداسين. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن ٻڌايو تھ هتي اچڻ کان اڳ وڌيڪ گرمي پد ۾ رهڻ جي پريڪٽس ڪئي آهي، تنهنڪري جلد ڪنڊيشنز سمجهي وينديوسين. هن چيو تھ ڊبلن ۾ گرمي پد 8 کان 10 ڊگري آهي، اهو ئي سبب آهي جو ڪيترين ئي ڇوڪرين وٽ تھ هي نئين دنيا آهي. هن چيو تھ اسين مقامي کاڌا کائڻ چاهيون ٿيون، ڇوتھ اهي مزيدار هوندا. هوڏانهن آئرلينڊ جي رانديگرياڻين قذافي اسٽيڊيم ۾ پهچي ڀرپور پريڪٽس پڻ ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button