
پاڪستاني راڳين علي سيٺي ۽ شائي گل جو ڳايل گيت پسوڙي هي گذرندڙ ڏينهن سان گڏ وڌيڪ شهرت ماڻي رهيو آهي، هاڻ ان جي سحر ۾ بالي ووڊ فلمن جو مشهور راڳي ارجيت سنگهه پڻ وڪوڙجي ويو آهي. ميڊيا مطابق ارجيت سنگهه هڪ ميوزڪ ڪنسرٽ دوران پسوڙي ڳائي مداحن کان ڀرپور داد ورتو آهي.