شوبز

امبر هرڊ جوني ڊيپ سان ٺاهه جو فيصلو ڪري ورتو

هالي ووڊ جي مشهور اداڪارا امبر هرڊ اڳوڻي مڙس جوني ڊيپ سان هتڪ عزت ڪيس ۾ ٺاهه جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ميڊيا مطابق امبر هرڊ هتڪ ڪيس ۾ 7 لک ڊالرن جي ڏنڊ واري معاملي ۾ جوني ڊيپ سان ٺاهه ڪرڻ ۽ معاملي کي حل ڪرڻ جو رٿيو آهي. ان حوالي سان امبر هرڊ جو چوڻ آهي تھ مان اپيل واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي، وڌيڪ ڪنهن ڪيس کي منهن ڏيڻ نٿي چاهيان. هن چيو تھ ٺاهه ڪڏهن بھ نٿي چاهيو، پر تمام گهڻي مشاورت بعد مون ڏکيو فيصلو ڪيو آهي، منهنجو هي فيصلو آمريڪي عدالتي نظام تي بداعتمادي پڻ آهي. هن چيو تھ مون پنهنجو دفاع ڪيو، پر ائين ڪرڻ سان ڄاڻان ٿي تھ منهنجي زندگي تمام گهڻي متاثر ٿي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button