رانديون

پاڪستان تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هوم گرائونڊ تي ٽيسٽ سيريز ۾ وائيٽ واش

پاڪستان کي ٽن ميچن واري ٽيسٽ سيريز ۾ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هوم گرائونڊ تي وائيٽ واش شڪست اچي وئي آهي. جڏهن تھ انگلينڊ ڪراچي ۾ کيڏيل آخري ٽيسٽ ميچ ۾ 8 وڪيٽن تان ڪاميابي ماڻي ٽن ميچن واري سيريز ٻڙي جي ڀيٽ ۾ 3 ڪاميابين تان پنهنجي نالي ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ مهمان ٽيم ميزبان کي شڪست ڏئي وائيٽ ڪيو، ان کان اڳ پاڪستان کي 1959ع ۾ آسٽريليا 2 ميچن واري ٽيسٽ سيريز ۾ وائيٽ واش ڪيو هو. ڪراچي ۾ کيڏيل ٽين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ ۾ انگلش بيٽرن پاڪستان جي 167 رنسن وارو هدف 2 وڪيٽن جي نقصان تي چوٿين ڏينهن راند جي شروعات ۾ حاصل ڪري ورتو، جنهن ۾ بين ڊڪيٽ 82 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز ڏيکي ڪاميابي ۾ ڪردار ادا ڪيو،

انگلينڊ جا رانديگر ونر ڪيبن موجود آهن

ڪپتان بين اسٽوڪس بھ 32 تي ناٽ آئوٽ رهيو. ان کان اڳ اوپنر زيڪ ڪرائولي 41 ۽ ريحان احمد 10 رنسن تي آئوٽ ٿي ويا هئا. ٽين ٽيسٽ ۾ پاڪستان پهرين اننگز ۾ 304 ۽ ٻي ۾ 261 رنسون ٺاهيون. جڏهن تھ انگلينڊ 354 ۽ 172 رنسون ٺاهي 8 وڪيٽن تان ڪاميابي ماڻي آهي. انگلينڊ جي بيٽر هيري بروڪ ڪراچي ٽيسٽ ۾ 111 رنسن تي پليئر آف ميچ ۽ ٽنهي ٽيسٽ ميچن ۾ 468 رنسون ڪري پليئر آف سيريز جا ايوارڊ پنهنجي نالي ڪيا آهن. هوڏانهن ملتان ۾ انگلينڊ خلاف ٽيسٽ ۾ ڊيبيو ڪندڙ نئين بالر ابرار احمد مجموعي طور تي 17 وڪيٽون وٺي پنهنجي صلاحيتن کي تسليم ڪرايو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button