بالي ووڊ اداڪارا رتنا پاٺڪ شاهه رخ خان جي فلم پٺان خلاف جاري مهم تي شديد ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي تھ ماڻهن وٽ پيٽ ڀرڻ خاطر ماني ناهي ۽ هتي دپيڪا پڊوڪون جي ڪپڙن تي بحث ڪيا پيا وڃن. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو تھ فلم پٺان ۾ دپيڪا جي زعفراني لباس کي کڻي انتهاپسند ۽ ڪجهه ٻيا سياسي تنظيمون احتجاج ۽ بائيڪاٽ جا اعلان ڪري رهيون آهن، جيڪو کليل نموني سان بيوقوفي جو اظهار آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close