پاڪستانسنڌ

هڱورجا ڀرسان جسقم پاران ثقافتي تقريب، قومي گيتن تي جهمريون

ھڱورجا: جيئي سنڌ قومي محاذ ۽ جساف پاران ھنگورجا ۾ سنڌي ثقافت جو ڏھاڙو ملھائڻ لا پيغام سنڌ ۽ شاھه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي شاعري جي عنوان ھيٺ شاندار ثقافتي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنھن ۾ جسقم جي مرڪزي اڳواڻ فقير امداد منگي، سارنگ جويو، عذرا کوکر، آرڪيالاجسٽ عبدالحق ڀنڀرو، ڪرم سامٽيو، مجيب آزاد ڀيلار، ڊاڪٽر نذيرکوکر، استاد شوڪت حسين گھانگھرو، محسن سولنگي، شاھزيب سھتو، عبدالرزاق لاشاري سميت علائقي جي سياسي سماجي ۽ شھرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. تقريب کي مقررين خطاب ڪندي چيو ته سنڌو تھذيب 10 ھزار سال قديم ۽ عظيم ھجڻ سان گڏ دنيا جي سمورن تھذيبن جي ماءُ آھي، شاھه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري سموري دنيا لا عالم سڀ آباد ڪرڻ جو درس ڏئي ٿي، ان لا سنڌ عظيم ۽ قديم ثقافت واري مورچي تي اسان سڀني کي متحد ۽ منظم ٿيڻو پوندو. ھنن چيو ته شاھه عبداللطيف ڀٽائي رح ۽ سائين جي ايم سيد جي پيغام کي جھر جھنگ ڦھلائڻو پوندو، سنڌ سان ھر محاذ تي ويساھه گهاتيون ٿي رھيون آھن، سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪري خوشحال سنڌ کي معاشي طور تباهه ڪيو ويو آھي. تقريب جي آخر ۾ قومي فنڪار دلدار اوٺو قومي گيت ڳائي نوجوانن کي جھومڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button