اسلام آبادپاڪستان

عالمي بئنڪ ٻوڏ متاثرن لاءِ هڪ ارب 69 ڪروڙ ڊالر جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد :عالمي بئنڪ ٻوڏ متاثرن لاءِ هڪ ارب 69 ڪرور ڊالر منظور ڪري ورتا. عالمي بئنڪ جي رپورٽ مطابق رقم ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ رڪوري ۽ بحالي لاءِ خرچ ڪئي ويندي. رقم سنڌ صوبي ۾ گهرن جي اڏاوت، صحت، زرعي شعبي ۽ لائيو اسٽاڪ تي خرچ ٿيندي. عالمي بئنڪ مطابق رقم ٻوڏ متاثرن لاءِ گهرن جي ٻيهر اڏاوت تي استعمال ڪئي ويندي، ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ فصلن کي بهتر بنائڻ لاءِ خرچ ٿيندي. پڌرائي مطابق 50 ڪروڙ ڊالر جي رقم انفرااسٽريڪچر جي رڪوري تي خرچ ڪئي ويندي. عالمي بئنڪ مطابق 50 ڪروڙ ڊالر جي رقم سنڌ فلڊ ايمرجنسي هائوسنگ ري ڪنسٽنشن لاءِ استعمال ٿيندي. 29 ڪروڙ ڊالر جي رقم سنڌ واٽر ايند ايگريڪلچر ٽرانفارميشن پراجيڪٽ لاءِ استعمال ٿيندي. سوشل پروٽيڪشن ڊليوري سسٽم پروجيڪٽ لاءِ 20 ڪروڙ ڊالر خرچ ڪيا ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button