پاڪستانپنجاب

پرويز الاهي اعتماد جو ووٽ نه ورتو ته وڏو وزير نه رهندو:راڻا ثناءُ الله

لاهور: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته جيڪڏهن پنجاب اسيمبلي جو اجلاس سڀاڻي نه ٿيو ۽ وڏي وزير پرويز الاهي اعتماد جو ووٽ نه ورتو ته وزيراعليٰ هائوس سيل ڪري ڇڏينداسين. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو اجلاس نه به ٿيو ته وڏي وزير کي اعتماد جو ووٽ وٺڻو پوندو، پرويز الاهي اعتماد جو ووٽ نه ورتو ته هو وڏو وزير نه رهندو. هن اسپيڪر سبطين خان جي موقف کي غلط قرار ڏنو ۽ چيو ته گورنر جي اجلاس گهرائڻ تي اسپيڪر جو موقف غلط آهي، اسپيڪر جو موقف قاعدن ۽ ضابطن جي خلاف آهي، گورنر اجلاس گهرائي سگهي ٿو. سندس موجب جڏهن توهان جو وڏو وزير پاڻ چئي ته 99 سيڪڙو ميمبر اسيمبلي ٽوڙڻ جي حق ۾ ناهن ته بي اعتمادي رٿ ئي ايندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button