اسلام آبادپاڪستان

وڌيڪ سخت فيصلا نٿا ڪري سگهون:آ ايم ايف کي نظرثاني جي درخواست

اسلام آباد :پاڪستان آءِ ايم ايف پروگرام جي بحالي لاءِ هڪ ٻي ڪوشش ڪئي آهي. ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب آءِ ايم ايف پروگرام جي بحالي خاطر عالمي سياسي رابطن لاءِ پرڏيهي وزارت کي ڪردار ادا ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي. پاڪستان جو موقف آهي ته آءِ ايم ايف ٻوڏ ۽ ٻين سببن تي معاهدي جي شرطن تي نظرثاني ڪري، عالمي سطح تي مهانگائي ۽ معاشي بحران سبب وڌيڪ سخت فيصلا نٿا ڪري سگهون. پاڪستان موقف اختيار ڪيو آهي ته پاڪستان نوان ٽيڪس لڳائڻ بنا آمدني وڌائي سگهي ٿو ۽ سال جي آخر تائين ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽ ڪري وٺندو. ذريعن موجب ايف بي آر به ٽيڪس چورن کان ريڪوريون بهتر بڻائڻ جو پلان پيش ڪيو آهي، جنهن تحت پاڪستان ٽيڪس وصولي بهتر ڪري مقرر ڪيل 7100 ارب رپين جو هدف پورو ڪندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button