پاڪستانپنجاب

هاءِ ڪورٽ طرفان 18 ليگي ميمبرن کي اڄ پنجاب اسيمبلي وڃڻ جي اجازت

لاهور : لاهور هاءِ ڪورٽ (ن) ليگ جي ميمبرن کي اڄ اربع تي پنجاب اسيمبلي جي اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ جي اجازت ڏيندي چيو ته اسيمبلي ميمبر اجلاس ۾ شريڪ ٿي سگهن ٿا. ميمبر ضرورت پوڻ تي ووٽ به ڪاسٽ ڪري سگهن ٿا. گذريل ڏينهن جسٽس شاهد بلال حسن جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ پنجاب اسيمبلي اسپيڪر جي چونڊ ۽ ميمبرن جي اسيمبلي سيشن ۾ پابندي جي خلاف داخل درخواستن تي شنوائي ڪئي. وڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته پنجاب جي گورنر اڄ اربع تي پنجاب جي وڏي وزير کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ لاءِ چيو آهي پر اسپيڪر ليگي ميمبرن جي سيشن ۾ شرڪت تي پابندي هڻي ڇڏي آهي. جسٽس شاهد بلال حسن اسپيڪر جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا اوهان سمجهو ٿا ته اسپيڪر انهن ميمبرن کي اسيمبلي سيشن ۾ شرڪت جي اجازت ڏيندو، جنهن تي اسپيڪر جي وڪيل چيو ته اسپيڪر رولز مطابق اسيمبلي کي هلائي ٿو، ان پوزيشن ۾ نه هجي ته ان جو جواب ڏئي سگهون ته اسپيڪر کين اسيمبلي سيشن ۾ شرڪت جي اجازت ڏيندو يا نه. عدالت دليل ٻڌڻ کان پوءِ چيو ته رڳو ان نقطي تي فيصلو محفوط ڪري رهيا آهيون ته ميمبر اجلاس ۾ شرڪت ڪري سگهن ٿا يا نه. جنهن کان پوءِ عدالت (ن) ليگ جي ميمبرن کي اڄ اربع تي پنجاب اسيمبلي جي اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ جي اجازت ڏيندي چيو ته اسيمبلي ميمبر اجلاس ۾ شرڪت ڪري سگهن ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button