اسلام آبادپاڪستان

بجلي بچائڻ لا بازارون رات 8 وڳي ۽ شادي هالز 10 وڳي بند ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد:وفاقي حڪومت توانائي بچت قومي پروگرام جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت شادي هالز رات 10 وڳي ۽ مارڪيٽون رات 8 وڳي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پاليسي لاڳو ڪرڻ لا چئني صوبن سان رابطو ڪيو ويندو ڇو ته هي هڪ قومي پروگرام آهي. ڪالهه وفاقي ڪابينا اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي بچاءُ واري وزير خواجا آصف چيو ته بچت پاليسي ڏني پئي وڃي، ڪفايت شعاري جي حوالي سان ڪميٽي ۾ سيڪريٽري پاور، بچاءُ واري وزير سيمت ٻيا وزير شامل آهن. هن چيو ته شادي هالز رات ڏهه وڳي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته مارڪيٽون ۽ ريسٽورينٽ رات اٺ وڳي بند ڪيا ويندا. سڄي دنيا ۾ مارڪيٽون شام ڇهه وڳي تائين بند ٿينديون آهن پر اسان وٽ رات ٻه وڳي تائين کُليل هونديون آهن. خواجا آصف چيو ته ويهه سيڪڙو سرڪاري ملازم گهران ڪم ڪندا، مختلف ذريعن سان توانائي جي بچت ڪري معيشت کي اربين رُپين جو فائدو ٿيندو. فيصلي سان 8 کان نوَ هزار ميگاواٽ بجلي جي بچت ٿيندي ۽ 62 ارب رُپيا بچائي سگهبا. هن چيو ته ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ توانائي بچت جي حوالي سان صوبن کان تجويزون گهريون آهن، توانائي بچت جو هي قومي پروگرام آهي. بچاءَ واري وزير چيو ته اسان اي بائيڪس متعارف ڪرائي رهيا آهيون جنهن لاءِ اليڪٽرڪ بائيڪس جي درآمد شروع ٿي چڪي آهي. ان کانسواءِ پراڻا پکا 120 کان 130 واٽ بجلي استعمال ڪندا آهن، نوان پکا اٽڪل 40 کان 60 ميگاواٽ بجلي استعمال ڪندا آهن، انهن پکن جي استعمال سان پندرنهن ارب رُپين جي بچت ٿيندي. ايل اي ڊي بلبن جي استعمال 23 ارب رُپين جي بچت ٿيندي، گهرن ۾ پکن ايئر ڪنڊيشنڊ جي استعمال ۾ بچت سان اٺ کان نوَ هزار ميگاواٽ بجلي بچائي سگهجي ٿي. خواجا آصف چيو ته ڪپيسيٽي پي منٽس جي مد ۾ ماهوار 28 بلين ارب رُپيا بچت ٿيندي، گئس فراهم ڪندڙ ڪمپنيون گيزر لاءِ بچت واريون ڊيوائس فراهم ڪنديون. ان سان ساليانو 92 ارب رُپين جي بچت ٿيندي، متبادل اسٽريٽ لائٽس هلائڻ سان چار ارب رُپين جي بچت ٿيندي. ان کان اڳ اليڪشن ڪميشن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا آصف جو چوڻ هو ته توشا خانا بابت هر نئين ڏينهن نوان انڪشاف ٿي رهيا آهن، عمران خان اسيمبليز ٽوڙڻ وارو آخري ڪارڊ کيڏي ڇڏيو آهي. هاڻي هو عجيب حالت ۾ آهي. هن چيو ته عمران خان کي جن ماڻهن سهارو ڏنو، هاڻي هو اُنهن محسنن کي به گاريون پيو ڏئي. هن چيو ته جنرل رٽائرڊ باجوا عمران خان کي سهارو ڏنو، پر عمران خان احسان ڪندڙن کي به گاريون ڏنيون. هوريان هوريان عمران خان جي پيرن مان زمين نڪرندي پئي وڃي. عمران خان جيڪا چئن سالن ۾ تباهي ڪئي، اسان اُها ٺيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button