پاڪستانعالمي

مودي کي گجرات جو ڪاسائي چوڻ تي منهنجي سر جي قيمت لڳائي وئي:بلاول

واشنگٽن :پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته مون ڀارتي وزيراعظم بابت تاريخي حقيقت ورجائي ته ٻڌو آهي مودي جي پارٽي منهنجي سِر جي قيمت لڳائي آهي. بلاول ڀٽو زرداري آمريڪا جي دوري تي آهي، جتي هڪ انٽرويو ۾ هن وري ڀارتي وزيراعظم کي نشاني تي رکيو ۽ مودي کي گجرات جو ڪاسائي چوڻ جي بيان جو دفاع ڪيو. هن چيو ته مان ڀارتي وزيراعظم بابت تاريخي حقيقت ورجائي آهي، جنهن کانپوءِ ٻڌو آهي ته مودي جي پارٽي منهنجي سِر جي قيمت ٻه ڪروڙ رپيا مقرر ڪئي آهي. سندس چوڻ هو ته مودي حڪومت گجرات ۾ وڏا ظلم ڪري رهي آهي ۽ ڀارتي مسلمان مودي حڪومت جي تشدد جو نشانو بڻجي رهيا آهن.پ پ چيئرمين چيو ته سچ چوڻ کي ذاتي توهين سمجهيو ويو، سڄي ڀارت ۾ منهنجي خلاف احتجاج ڪيو ويو، سر جي قيمت لڳائڻ جو مطلب حد پار ڪرڻ آهي، پاڪستان هڪ ذميوار ايٽمي طاقت آهي. بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته موجوده صورتحال ۾ وقت کان اڳ چونڊون ملڪي مفاد ۾ ناهن، عمران خان طرفان چونڊن جي ڳالهه ڪرڻ انتهائي بدقسمتي آهي، هو بنا جواز ملڪ کي نقصان پهچائي رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button