پاڪستانسنڌ

ڳورهاري عورت تلا ۾ ٻڏي فوت، بچائڻ آيل سندس ڀائيٽي ۾ ٻڏي وئي

ننگرپارڪر: ننگرپارڪر ۾ پاڻي ڀريندي ڳورهاري عورت تلا ۾ ڪري فوت ٿي وئي، بچائڻ لا تلا ۾ ٽپو ڏيندڙ سندس ڀائيٽي به فوت ٿي وئي. هڪ نينگري کي بچايو ويو. ان سلسلي ۾ ننگرپارڪر جي ڳوٺ آڌيگام ۾ پاڻي جي تلا ۾ پاڻي ڀريندي پير ترڪڻ سبب 32 سالن جي 6 مهينن جي ڳورهاري عورت ڪيسري زال پرتاب ڪولهي اونهي پاڻي ۾ ڪري پئي، جڏهن ته عورت کي بچائڻ لا سندس ڀائيٽي 12 سالن جي نينگري ٿانو ڌي موهن ڪولهي تلا ۾ ٽپو ڏنو، جيڪا ٻڏي فوت ٿي وئي، عورت کي بچائڻ لا تلا ۾ وڌيڪ هڪ 14 سالن جي نينگري تاري ڌي سوڀو ڪولهي ٽپو ڏنو، ٽنهي کي ڳوٺاڻن ٻاهر ڪڍيو، جن مان ٿانو فوت ٿي چڪي هئي، ٽنهي کي تعلقي اسپتال آندو ويو، جتي ڊاڪٽرن ٻن ٻارن جي ما ڳورهاري ڪيسري جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، جڏهن ته تاري جي حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي وئي. ٻڌايو پيو وڃي ته ڪيسري ٻن ٻارن جي ما ۽ 6 مهينن جي ڳورهاري هئي. جڏهن ته ننگرپارڪر پوليس ٻڌايو ته فوتي عورت ۽ سندس ڀائيٽي جي وارثن واقعو اتفاقي قرار ڏنو آهي، ان ڪري لاش پوسٽ مارٽم کانسوا ئي وارثن حوالي ڪيا ويا آهن. هوڏانهن چاچي ۽ ڀائيٽي جا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button