پاڪستانسنڌ

ڇاڇرو ۾ اٽو مهانگو، پورهيتن ۽ رهواسين جو مظاهرو

ڇاڇرو: خوراڪ جي کوٽ جي شڪار ٿرپارڪر ضلعي ۾ اٽي جو اگهه آسمان تي پهچي ويو، جنهن سبب غريب ماڻهو اٽو خريد ڪرڻ کان محروم ٿي ويا آهن. ڇاڇرو، مبارڪ، کياڙي، اوڏاڻي ۽ ٻين علائقن ۾ قائم اٽي چڪين کي سرڪاري ڪوٽا تحت ڪڻڪ ملڻ باوجود رهواسين کي ڪو فائدو ناهي پهتو. هوڏانهن اٽو مهانگو وڪرو ٿيڻ خلاف رهواسين، پورهيتن ۽ مزدورن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي حاڪم علي سنگراسي، عالم مڱريو، دسرت ميگھواڙ، ڪيلاش ميگھواڙ، اقبال سميجو جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو، جن خوراڪ کاتي جي عملدارن ۽ اٽي چڪين جي مالڪن خلاف نعريبازي ڪئي. هنن چيو ته شهر جي 20 اٽي چڪين کي هر مهيني سستي اگهه واري ڪڻڪ ملي ٿي، پر چڪي مالڪ خوراڪ کاتي جي عملدارن سان ملي ڀڳت ڪري اٽو مهانگي اگهه تي وڪرو ڪري رهيا آهن، 44 سئو رپيا في مڻ اٽو خريد ڪرڻ جي سگهه ناهي، ان ڪري ٻار بکون ڪاٽي رهيا آهن، سرڪاري ڪوٽا واري ڪڻڪ ۾ غريب ماڻهن کي ٽڪي جو فائدو نه آهي، اٽي چڪين جا مالڪ ڪمائي رهيا آهن. هنن اعلى اختيارين کي اپيل ڪئي ته خوارڪ کاتي جي عملدارن ۽ اٽي چڪي مالڪن خلاف ڪارروائي ڪري غريب ماڻهن کي رليف ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button